5 سالن لاءِ حڪومت ٺهي ته جيئن معيشت مستحڪم ٿئي: جهانگير ترين

لوڌران (ويب ڊيسڪ) آءِ پي پي سربراهه جهانگير ترين چيو آهي ته منهنجي ڪوشش آهي ته ٻنهي تڪن تان کٽيان، الله ڪرم ڪندو.
ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته هڪ مستحڪم حڪومت ٺهڻ گهرجي، 5 سالن لاءِ حڪومت ٺهي ته جيئن معيشت مستحڪم ٿئي، معيشت مستحڪم ٿيندي ته ملڪ مستحڪم ٿيندو.
انٽرنيٽ بندش جي حوالي سان هن چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف قوم متحد آهي، اسان جي ملڪ مان دهشتگردي ختم ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.