ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 149 جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي گهوٽ ڪنوار ووٽ ڏيڻ پهچي ويا.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي گهوٽ نديم چيو ته اڳ ۾ قومي فرض ادا ڪندس ۽ ووٽ وجهڻ کانپوءِ ڄڃ رواني ٿيندي.
هوڏانهن رائيونڊ ۾ 90 ورهين جو پيرسن ووٽ وجهن پهتو، محمد بشير کي پوليس اهلڪار پولنگ اسٽيشن تي وٺي ويو.
ٻئي پاسي ملتان ۾ ئي هڪ مريض ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهتو، مريض عبدالصمد رڪشي تي پوليس اسٽيشن پهتو.
You might also like