پيپلزپارٽي سدائين نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو: ناز بلوچ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ناز بلوچ چيو آهي ته ڪراچي ۾ سڄو پاڪستان آباد آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، باصلاحيت نوجوان طبقو ملڪ جو روشن مستقبل آهن.

ڪراچي ۾ النمره ڪاليج آف نرسنگ اينڊ هيلٿ سائنس جي اورنٽيشن جي تقريب ٿي جتي ناز بلوچ النمره ڪاليج آف نرسنگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪون ڏنيون.

خاص مهمان طور خطاب ڪندي ناز بلوچ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هوشيار نوجوانن جي ڀلائي لاءِ عملي ڪم ڪيو آهي، نسرنگ جي شعبي ۾ النمره ڪاليج مان تربيت وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ۽ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ روزگار ڏينداسين، ان حوالي سان عملي ڪم مڪمل ڪري رهيا آهيون.

ان موقعي تي النمرا ڪاليج آف نرسنگ جي باني ۽ ايم ڊي محمد اسلم خان نون شاگردن جي آجيان ڪندي چيو ته ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي ۾ کوٽ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هي اسان جي ٽئين بيچ آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ آهي.

ان موقعي تي چيئرمين حاجي نواب، وائيس چيئرمين ايم اسماعيل خان، پرنسپل سيد عبدالله، وائيس پرنسپل فرزانا ملڪ، محبوب الرحمان، جهانگير خان، ايم ايوب خان ۽ ٻيا موجود هئا.

تقريب جي پڄاڻي تي سينيئر شاگردن ۾ تعريفي سندون ورهايون ويون جڏهن ته شاگردن پاران آگاهي وارن پيغامن تي ٻڌل خاڪا به پيش ڪيا ويا.

تقريب جي انتظام اعزاز خان انجام ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.