ڪراچي: چونڊن کان اڳ پولنگ اسٽيشن تان بيلٽ پيپرن جا دٻا گم ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگي جي حوالي سان صوبائي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو.
جماعت اسلامي جي اليڪشن سيل انچارج راجا عارف سلطان چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگي جي حوالي سان صوبائي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي نالي خط جاري ڪيو.
خط ۾ لکيو ويو آهي ته اين اي 238 ۽ پي ايس 102 جي پولنگ اسٽيشن ۾ سامان پهتو ته ان مان بيلٽ پيپرن جا 10 باڪس گم هئا، لسٽ موجب 30 باڪس لکيل هئا، جڏهن ته ٿيلهو ڦاٽل هو ۽ 20 باڪس موجود هئا.
خط موجب اوڀر ضلعي ۾ اين اي 238 ۽ پي ايس 102 پولنگ اسٽيشن نمبر 269 غوثيه ڊسپينسري جي پريزائيڊنگ آفيسر محمد شڪور طرفان آر او کي لکت اطلاع ڪيو ويو آهي.
جماعت اسلامي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري، اهو عمل چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.