پورهيت سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ سبب ووٽ ڏيڻ کان محروم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ بٺن تي ڪم ڪندڙ پورهيت ٻين حقن سان گڏوگڏ ووٽ جي حق کان به محروم آهن. سندن سڃاڻڦ ڪارڊ نه هجڻ سندن لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري ٿو، هو پنهنجي مفادن لاءِ ڪنهن کي به نٿا چونڊي سگهن.

بٺن تي مزدورن کي ٿورڙي اجوري تي سخت پورهيو ڪرايو ويندو آهي، گهٽ اجرت، صحت جي سهولتن جي اڻهوند، تعليم کان محرومي سميت ٻين مسئلن جو شڪار بٺن جا مزدور ٻارين ٻچين ووٽ ڏيڻ جي سهولت کان محروم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.