ڪراچي: گلشن اقبال دستي بم واقعي ۾ پوليس انسپيڪٽر جو پٽ ملوث نڪتو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ دستي بم ڦاٽڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا.
ڊي آءِ جي ايسٽ غلام اظفر مهيسر موجب حادثو گلشن اقبال ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ قائم ليمي ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي پوليس انسپيڪٽر رحمان جو 17 ورهين جو پٽ فاروق بم هٿ ۾ کڻي گهر کان ٻاهر گهٽي ۾ وڃي رهيو هو.
گهٽي ۾ موجود ٻارن فاروق جي هٿ ۾ بم ڏسي گوڙ ڪيو، جنهن تي هن بم لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران بم جي پِن نڪري وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪو ٿيو ۽ فاروق سميت ٻه شهري ريحان ۽ نسرين مارجي ويا.
غلام اظفر ٻڌايو ته مارجي ويل فاروق جو پيءُ رحمان گلشن اقبال ۾ سب انسپيڪٽر طور مقرر آهي، ڪجهه عرصو اڳ معطل به ڪيو ويو هو.
ڊي آءِ جي ايسٽ وڌيڪ چيو ته سب انسپيڪٽر حاجي ليمي ڳوٺ جو ئي رهواسي آهي، واقعي کانپوءِ سندس گهر جي تلاشي به ورتي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.