راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي کليل سمنڊ ۾ وقت سر امدادي ڪارروائي ڪندي ڦاٿل 9 ڀارتي شهرين جي حياتي بچائي ورتي.
آءِ ايس پي آر موجب عربي سمنڊ ۾ ٻيڙي ۾ 9 ڀارتي شهري گذريل 24 ڪلاڪن کان بي يارو مددگار ڦاٿل هئا.
اهڙي اطلاع تي پاڪ نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي ٻيڙي جي سرچ اينڊ ريسڪيو لاءِ لانگ رينج ميري ٽائم پيٽرول ايئر ڪرافٽ ۽ پي ايم ايس ايس ڪشمير کي مقرر ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پي ايم ايس ايس ڪشمير مصيبت جو شڪار ٻيڙي کي ڳولي ٽيڪنيڪل مسئلو ختم ڪيو ۽ عملي کي طبي امداد فراهم ڪئي.
پاڪ نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي وقت سر ڪارروائي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي ٻيڙي جي عملي ساراهه ڪئي.