مردن لاءِ ميٿي جي ٻجن جا پنج فائدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميٿي جا ٻج دوائن جي خاصيتن سان ڀرپور هوندا آهن.

ميٿي جي ٻجن ۾ وٽامن سي، بي اي، آئرن، امينو ايسڊ ۽ فائبر هوندو آهي.

ميٿي جا ٻج پروسٽيٽ جي صحت لاءِ سٺا سمجهيا ويندا آهن.

ميٿي جي ٻجن ۾ گلوڪوزينوليٽس جون خاصيتون هونديون آهن جيڪي پروسٽيٽ ڪينسر جي خطري کي گهٽ ڪن ٿيون.

اوهان اسپرم جي طاقت ۽ ڪائونٽ وڌائڻ لاءِ ميٿي جا پن يا ٻج کائي سگهو ٿا.

ميٿي جي پنن يا ٻجن جو استعمال اسپرم جو انگ وڌائيندو آهي.

ميٿي جي ٻجن ۾ فائبر هوندو آهي جيڪو هاضمي وارو نظام بهتر ڪري ٿو.

ان کانسواءِ هي قبض ۽ بدهاضمي جهڙن مسئلن کي ختم ڪن ٿا.

ميٿي جا ٻج شگر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ فائديمند آهن.

نوٽ: ڪنهن به ٽوٽڪي کي استعمال ڪرڻ کان اڳ ماهر ڊاڪٽرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.