پراڻي گاڏي ڏئي نئين وٺو: هونڊا جي شاندار آفر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جي دور ۾ غريب ماڻهو جي سواري به مهانگي ٿي وئي آهي پر پائيدار موٽرسائيڪلون ٺاهيندڙ اٽلس هونڊا لميٽڊ واهپيدارن لاءِ سٺي آڇ ڪئي آهي.

ياماها ۽ پاڪ سوزوڪي بعد اٽلس هونڊا آڇ ڪئي آهي ته پراڻي بائيڪ ڏئي نئين حاصل ڪريو.

هاڻي اوهان نئين هونڊا CB125F پراڻي بائيڪ ڏيڻ بعد رهيل رقم قسطن تي ادا ڪري سگهو ٿا ۽ اوهان کي پراڻي بائيڪ جو مارڪيٽ جي اگهه کان وڌيڪ اگهه ڏنو ويندو.

اوهان ڪهڙي به پراڻي هونڊا جي موٽرسائيڪل ڏئي سگهو ٿا جنهن بعد فوري طور تي اوهان کي نئين بائيڪ پهچائي ويندي.

خيال رهي ته اها آڇ محدود مدي لاءِ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.