لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد جميل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد جميل خان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
جسٽس شاهد جميل خان ذاتي سببن جي بنياد تي استعيفيٰ ڏني، هو سينارٽي لسٽ ۾ 11هين نمبر تي هو.
جسٽس شاهد جميل 2014 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيو هو ۽ کيس 2029 ۾ رٽائر ٿيڻو هو.
جسٽس شاهد جميل پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان 10 سالن تائين لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج طور فرض انجام ڏنا، هاڻ مان آئين جي آرٽيڪل 206 (1) تحت فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج هجڻ اعزاز جي ڳالهه هئي پر ذاتي حالتن سبب اهو فيصلو ڪيو.
جسٽس شاهد جميل پنهنجي استعيفيٰ ۾ 4 شعر به لکيا.
آزاد کی اک آن ہے محکوم کا اک سال
کس درجہ گراں سیر ہیں محکوم کے اوقات
آزاد کا اندیشہ حقیقت سے منور
محکوم کا اندیشہ گرفتار خرافات
محکوم کو پیروں کی کرامات کا سودا
ہے بندہ آزاد خود اک زندہ کرامات
اقبال ! یہاں نام نہ لے علم خودی کا
موزوں نہیں مکتب کیلئے ایسے مقالات

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.