حقدار لاءِ خوشخبري، بي آءِ ايس پي جي وظيفي ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت وظيفا وٺندڙن لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي، ڇو ته ٽن مهينن جي وظيفي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد موجب ٽن مهينن جي وظيفي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، حقدار عورتن کي هاڻ هر ٽئين مهيني 10 هزار 500 رپيا ملندا.
پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پروگرام تحت 92 لک ضرورتمند گهراڻا فائدو کڻي رهيا آهن، تعليمي وظيفن جي پروگرام ذريعي 70 لک ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته واڌ ويجهه پروگرام تحت 15 لک عورتون وظيفا حاصل ڪري رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.