پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتي ويزائون جاري ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتي ويزائون جاري ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڀارت مجموعي طور تي 60 سفارتڪارن کي ويزائون جاري ڪيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان مجموعي طور تي 35 ڀارتي سفارتڪارن، جڏهن ته ڀارت 25 پاڪستاني سفارتڪارن کي ويزائون جاري ڪيون آهن.
ذريعن موجب پاڪستان، ڀارت جونيئر سفارتڪارن ۽ انتظامي اهلڪارن کي ويزائون جاري ڪيون آهن.
ان کانسواءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ پاڪستان جي نئين ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سعد وڙائچ کي به ويزا جاري ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.