”فوجي آفيسر فٽ ٿي وڃن نه ته ڪڍي ڇڏينداسين“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج آفيسرن جي خراب ٿيندڙ جسماني معيار ۽ لائيف اسٽائل سبب بيمارين ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوجين جي خراب ٿيندڙ جسماني حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين پاليسي لاڳو ڪئي آهي.

نئين پاليسي سان جسماني چستي جي سڃاڻپ جي موجوده نظام ۾ سخت قدم کنيا ويا آهن ۽ واڌو ٽيسٽ متعارف ڪرائي وئي آهي.

ڀارتي فوج ل اءِ جسماني فٽنيس جي نئين پاليسي جو هڪ اهم پاسو اهو آهي ته ان ۾ باقاعده ٽن مهينن ۾ ٽيسٽون ورتيون وينديون.

آفيسرن کي هاڻي ساليانو 10 ڪلوميٽر جي رفتار سان مارچ ۽ 32 ڪلوميٽر جي روٽ تي ڏکيو مارچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جسماني مهارت جي امتحان ۾ مختلف مشقون شامل آهن، جن ۾ 2.4 ڪلوميٽر رن، پنج ميٽر شٽل رن، پش اپس، چن اپ، سيٽ اپ ۽ 100 ميٽر اسپرنٽ شامل آهن.

ان کانسواءِ جسماني صلاحيتن جو وڌيڪ جائزو وٺڻ لاءِ ساليانو 50 ميٽر ترڻ جي مهارت جي ٽيسٽ ورتي ويندي.

ان کانسواءِ ٻيون به ٽيسٽون ڪيون وينديون ۽ ٿلهن وزن وارن کي مهيني جو وقت ڏنو ويندو ته اهي وزن گهٽ ڪن.

جيڪي ماڻهو فٽنس ۾ ڪا به بهتري نه ڏيکاريندا انهن کي هندستاني فوج جي ضابطن يعني آرمي ريگيوليشن 15 ۽ آرمي ايڪٽ 22 تحت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.