ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪٿي بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 13 ڏهائي 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، هوا ۾ گهم جو تناسب 90 سيڪڙو آهي جڏهن ته اوتر اوڀر کان هلڪي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن.
موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالي رهندي ۽ ڪٿي هلڪي برسات ۽ ڦڙ ڦڙ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊفري سينٽي گريڊ ۽ وڌ کان وڌ 25 کان 27 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.