ڪراچي: ڪلفٽن ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي، ڇڪتاڻ، ڪيترائي اهلڪار زخمي، گرفتاريون

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف طرفان ڪلفٽن ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن تي پوليس ڪڙڪي پئي ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪلفٽن 3 تلوار تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس تي پٿرن ۽ لٺين سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ريلي ۾ شرڪت لاءِ آيل ڪارڪنن کي پوليس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، پوليس پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو.
پوليس موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس موبائل تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ايس ايڇ او بوٽ بيسن رياض نيازي سخت زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ھڪ عورت پوليس ڪانسٽيبل عريقا زال عبدالرحيم ساهه ٻوساٽجڻ سبب بيهوش ٿي وئي، ڪانسٽيبل راشد اعواڻ پٽ غلام حسن، دين محمد پٽ محمد رحيم، محمد فيضان پٽ مشتاق، اعجاز شاھه پٽ عالم نبي ۽ غلام محمد زخمي ٿي پيا،. جن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.