ثانيا مرزا جا اثاثا ڪيترا آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثانيا مرزا پنهنجي 20 سالن جي ڊگهي ٽينس ڪيريئر ۾ 6 وڏا ٽائيٽل ۽ ڪيترائي ايوارڊ کٽيا جن ۾ ڊبل نمبر ون شامل آهي.

ثانيا مرزا کي هندستاني حڪومت پاران ارجن ايوارڊ، پدما شري، ۽ پدم ڀوشن جهڙن اعزازن سان پڻ نوازيو ويو آهي.

ثانيا مرزا پنهنجي شاندار ٽينس ڪيريئر دوران ڪيترائي قيمتي اثاثا پڻ ٺاهيا، سندن اثاثن جي ڪل ماليت 26 ملين ڊالر آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 216 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.

ثانيا مرزا وٽ آمدني جا مختلف ذريعا آهن جن ۾ مختلف مشهور برانڊز جا اشتهار، ذاتي سيڙپڪاري ۽ پنهنجو ڪاروبار شامل آهي.

ثانيه مرزا پنهنجي بهترين ٽينس ڪيريئر کان سواءِ ڀارت ۽ دبئي ۾ ٽينس اڪيڊمي به قائم ڪئي.

ثانيا مرزا وٽ حيدرآباد ۾ هڪ شاندار گهر آهي جنهن جي ماليت 13 ڪرور ڀارتي رپيا آهي.

ڀارت کانسواءِ ثانيا مرزا جو وڌيڪ وقت دبئي ۾ گذري ٿو، ثانيا وٽ دبئي ۾ به هڪ عاليشان گهر آهي جيڪو هن اڳوڻي مڙس شعيب ملڪ سان گڏيل طور تي خريد ڪيو هو.

گهرن کانسواءِ ثانيا مرزا وٽ قيمتي گاڏيون آهن، 72 لکن جي رينج رور، پوڻن ٻن ڪروڙن جي بي ايم ڊبليو ۽ 46 لک کان مهانگي جگور به آهي.

ثانيا مرزا وٽ ٻيون گاڏيون به آهن جن ۾ مرسڊيز بينز، پورشي ۽ آڊي جهڙيون شاندار گاڏيون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.