امن امان برقرار رکڻ لاءِ آتشبازي جي سامان ۽ وڪري تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا جا قدم سامهون اچي ويا، تخت گاهه ۾ آتشبازي جي سامان جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريڊ زون، ڪشمير هاءِ وي ۽ جناح اوينيو تي جلسي، جلوس ۽ ريلين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
شهر ۾ پوسٽرن ۽ بئنرن تي قرآني آيتن ۽ مقدس جملن جي ڇپائي تي به پابندي هنئي وئي آهي، جڏهن ته وال چاڪنگ، پمفليٽ جي ورهاست تي به پابندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.