ڪينسر کان شفا لاءِ گنگا ۾ ٽٻي ڏيارڻ سان ٻار فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪينسر جي مريض ٻار کي شفا لاءِ گهر ڀاتين گهڻي دير تائين گنگا درياهه ۾ ٽٻي ڏياري، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب 5 ورهين جو ٻار رت جي ڪينسر ۾ مبتلا هو ۽ ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو، گهر ڀاتين جو خيال هو ته گنگا ۾ اشنان ڪرڻ سان هو صحتياب ٿي ويندو.
گهر ڀاتين ٻار کي اشنان لاءِ گنگا ۾ گهڻي دير تان ٽٻي ڏياري، جنهن تي اتي موجود ماڻهن کين روڪيو به ته ٻار مري ويندو پر گهر ڀاتي نه مڙيا، ايتري تائين جو اتي موجود ماڻهن ٻار کي زبردستي ڪڍيو.
ٻار جي ماسي اتي موجود ماڻهن سان جهيڙو به ڪيو ۽ هٿين به پئي، پوءِ ٻار کي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.