انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي مسلسل ٻي فتح

ايسٽ لنڊن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
سائوٿ آفريقا جي شهر ايسٽ لنڊن ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو ۽ گروپ ڊي ۾ پاڪستان 4 پوائنٽن سان پهرئين نمبر تي اچي ويو.
پاڪستان 198 رنسن جو هدف 48هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو، اذان اويس 63 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، شمائل حسين ۽ شاهه زيب 37-37، احمد حسن 29 رنسون ٺاهيون.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين ميچ ۾ افغانستان کي شڪست ڏني هئي، گرين شرٽس جي ايندڙ ميچ ڇنڇر تي نيوزيلينڊ سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.