فري لانسرز جو وڏو مطالبو پورو، حڪومت پي پال سان اهم معاهدو ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت ۽ عالمي سطح تي رقم جي منتقلي ۽ سڄي دنيا ۾ آن لائن ادائيگين جي نظام کي هلائيندڙ ڪمپني پي پال وچ ۾ اهم معاهدو ٿي ويو.
معاهدي تحت ملڪ ۾ ناڻي جي پهچ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ٽين ڌر ذريعي پي پال سان چينلائز ڪيو ويندو.
پي پال سڄي دنيا ۾ آن لائن ادائيگين جو نظام هلائيندي آهي، جنهن سان رقم آن لائن طريقي سان منتقل ڪئي ويندي آهي ۽ اها سڄي دنيا جي 190 مارڪيٽن کي آپريٽ ڪندي آهي.
واضح رهي ته فري لانسرز ۽ اي ڪامرس سان سلهاڙيل ماڻهن جو ڊگهي عرصي کان مطالبو هو ته پي پال کي پاڪستان آندو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.