شرپسندن ٽرين کي باهه ڏئي ڇڏي، چار ڄڻا سڙي فوت، ڪيئي زخمي

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديشي راڄڌاني ڍاڪا ۾ ٽرين ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيئي زخمي ٿي پيا آهن.

ڍاڪا پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرين ۾ باهه لڳي نه لڳائي وئي، جنهن  ڏسندي ئي ڏسندي چئني بوگين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

پوليس موجب، امدادي ڪارڪنن تيزي سان موقعي تي پهچي باهه وسائي، جڏهن ته ان دوران ٽرين سروس ڪجهه دير لاءِ معطل پڻ ڪئي وئي.

پوليس ۽ انتظاميا جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه شر پسند ماڻهو چونڊون متاثر ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙا واقعا ڪري عام ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.