پي ٽي آءِ کي محنت ڪرڻ گهرجي، اڳ ۾ محنت بنا اچي ويا هئا: آصف زرداري

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ پارليامينٽيرينز جي چيئرمين آصف علي زرداري مشورو ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي محنت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اڳ ۾ هو محنت جي بنا اچي ويا هئا.
نواب شاهه ۾ رٽرننگ آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پ پ جو مستقبل روشن آهي ۽ اسان حڪومت ٺاهينداسين.
هن چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ سڀ پارٽيون گڏ هيون پر هاڻ ڌار ٿي ويون آهن.
چونڊن بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چئي ڇڏيو آهي ته چونڊون ضرور ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.