ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فون واهپيدار پنهنجي ڊيوائسز ۾ نيون ايپس ڊائون لوڊ ۽ پراڻين ايپس کي ڊليٽ ڪندا رهندا آهن پر 2023 دوران سڄي دنيا ۾ ڪهڙين ايپس کي سڀ کان وڌيڪ ڊليٽ ڪيو ويو؟ اچو ته ڄاڻيون ٿا.
ٽي جي آر نالي ڪمپني ان حوالي سان تحقيق ڪئي ۽ ٻڌايو ته اها ايپ انسٽاگرام آهي.
مطالعي ۾ ڊيٽا جو تجزيو ڪندي پتو پيو ته هلندڙ سال انسٽاگرام اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرڻ جي عمل بابت ڄاڻڻ لاءِ هر مهيني سراسري طور 1 لک 20 هزار انٽرنيٽ سرچ ڪيون ويون.
تحقيق موجب انسٽاگرام کي ڊيليٽ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب هن فوٽو شيئرنگ ايپ ۾ ڪيل تبديليون آهن.
مطالعي مان خبر پئي ته انسٽاگرام گذريل سالن ۾ تمام گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ايپ اشتهارن ۽ مانيٽائيزيشن جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جنهن متاثرن کي پريشان ڪيو.
ميٽا جي ملڪيت واري ايپ ۾ اڃا تائين 2 بلين واهپيدار آهن، پر مطالعي ۾ چيو ويو آهي ته اهو انگ هڪ سال اندر گهٽجي سگهي ٿو جيڪڏهن اڪائونٽ ختم ٿيڻ جاري رهيو.
انسٽاگرام کان پوءِ، اسنيپ چيٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊيليٽ ٿيل ايپ هئي، جنهن کي هر مهيني سراسري طور 128,000 ماڻهو ڊليٽ ڪري رهيا هئا.
X (Twitter جو نئون نالو) ٽئين نمبر تي، ٽيليگرام ۽ فيس بڪ ترتيبوار چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهن.
ٽڪ ٽاڪ 6 هين سڀ کان وڌيڪ ڊليٽ ٿيل ايپ هئي، يوٽيوب 7 هين ۽ واٽس ايپ اٺين ايپ آهي.