بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڪميشن جوڙي وڃي: ڊاڪٽر ماهه رنگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڪميشن جوڙيندي صوبي ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڊيٿ اسڪواڊز جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ گهرو وزارت پريس ڪانفرنس ڪري ڏوهن تي معافي گهري.
اسلام آباد ۾ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو، جنهن ۾ احتجاج ڪندڙن سان گڏ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عوام به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پريس ڪانفرنس ڪندي ماهه رنگ بلوچ چيو ته هي احتجاج بلوچن جي حقن لاءِ آهي، اسان جبري گمشدگين خلاف آوا اٿارڻ آيا آهيون ۽ اسان جو مطالبو آهي ته جبري گمشدگين خلاف سنجيده قدم کنيا وڃن.
هن مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڊيٿ اسڪواڊز جو خاتمو ڪيو وڃي، جڏهن ته گهرو وزارت پريس ڪانفرنس ڪندي انهن ڏوهن تي معافي گهري.
سندس چوڻ هو ته سڀني گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، پرامن احتجاج خلاف ايف آءِ آرز ختم ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.