لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت چولستان جي رڻ ۾ دفن پنج هزار سال پراڻي شهر گنويري والا جي کوٽائي جو فيصلو ڪري ورتو.
ان قديم شهر جي کوٽائي ۾ دلچسپي رکندڙن کان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ درخواستون گھرايون وينديو. قديم آثارن جي ماهرن جي ٽيم ڪجهه ڏينهن اڳ گنويري والا جي قديم آثارن جو دورو ڪيو هو.
ٽيم ۾ شامل سينيئر آرڪيالوجسٽ ۽ پنجاب جي آرڪيالوجي کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر افضل خان ٻڌايو ته سندس ٽيم کوٽائي جي عمل جي نگراني ڪندي پر کوٽائي لاءِ نجي ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. اهڙيون ڪمپنيون جن وٽ تاريخي ماڳن تي کوٽائي لاءِ ماهر موجود آهن انهن سان معاهدو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته گنويري والا جي آثارن جو پتو 1957ع ۾ ڊاڪٽر محمد رفيق مغل جيڪو اڳوڻي ڊي جي آرڪيالوجي هو ان لڳايو هو.
ماهرن جو خيال آهي ته سنڌ وادي جي قديم تهذيت جي شهرن هڙاپا ۽ موهن جو دڙو کان پوءِ گنويري والا ٽيون وڏو شهر هو.
You might also like