شير افضل مروت هڪ مهيني لاءِ نظربند

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت کي هڪ مهيني لاءِ 16 ايم پي او تحت نظربند ڪيو ويو، کيس اڄ منجهند لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران جي پي او چوڪ تان حراست ۾ ورتو ويو هو.
شير افضل مروت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي ٻاهر نڪتو ته جي پي او چوڪ تي پوليس جي وڏي نفري کيس حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ مزنگ ٿاڻي منتقل ڪيو.
ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) لاهور جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر لاهور 16 ايم پي او تحت سندس هڪ مهيني جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا ۽ کيس مزنگ ٿاڻي کان سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.