ججن کي قانوني معاملن لاءِ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪرڻ جي اجازت

آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) يا هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي جو استعمال مختلف شعبن ۾ ٿي رهيو آهي.
پر هاڻي پهريون ڀيرو چيٽ جي پي جهڙي اي آءِ سسٽم کي انگلينڊ ۽ ويلز جي عدالتن ۾ استعمال ڪيو ويندو.
برطانوي ميڊيا موجب انگلينڊ ۽ ويلز جا جج مخلتف قانوني معاملن لاءِ چيٽ جي پي ٽي جو استعمال ڪري سگھندا.
جوڊيشل آفيس پاران انگلينڊ ۽ ويلز جي هزارين ججن لاءِ باضابطا هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
انهن هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي کي هزارين صفحن تي ٻڌل لکت جي خلاصي يا انتطامي معاملن اءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
پر هدايتن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اي آءِ چيٽ بوٽس کي قانوني تحقيق يا تجزيي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ڇو جو اها ٽيڪنالاجي فرضي ڪيس تيار ڪري سگھي ٿي.
جج اي آءِ سسٽم استعمال ڪري اهو به ڄاڻيندا ته ڪنهن وڪيل جا قانوني دليل اي آءِ چيٽ بوٽ جا تيارڪيل ته ناهن.
آمريڪا ۽ برطانيا ۾ اهڙا ڪجهه واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن.
انگلينڊ ۽ ويلز ۾ سول جسٽس جي سربراهه جيفري ووس چيو ته عدليا لاءِ جاري ٿيل پنهنجي طرز جون انوکيون هدايتون آهن.
هن چيو ته انهن هدايتن سان عدالتي نظام کي بهترين موقعا دستياب هوندا.
سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ اها ٽيڪنالاجي نئين آهي تنهنڪري اسان کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن سمورا ججز سمجهي سگھن ته ان سان ڇا تيار ٿي سگھي ٿو، ان جو استعمال ڪيئن ڪرڻ گھرجي ۽ ان کان ڪهڙا ڪم نٿا ٿي سگھن.
جيفري ووس ٻڌايو ته ججز کي حقيقي قانوني دليل ۽ اي آءِ جي تيار ڪيل دليلن ۾ فرق ڪرڻ جي قابل هجڻ گھرجي.
هن چيو ته ججن کي تربيت ڏيڻي پوندي ته جيئن اهي اي آءِ جي موجودا دور ۾ سچ ۽ ڪوڙ ۾ تميز ڪري سگھن.
جيفري ووس وڌيڪ چيو ته اسان اي اءِ تي ٻڌل عدالتي فيصلن کي ان وقت تائين متعارف نٿا ڪرائي سگھون جيستائين اسان کي يقين نه ٿو ٿي وڃي ته ماڻهن کي ان ٽيڪنالوجي تي اعتماد آهي، اڃا اسان ان کان گھڻو پري آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.