ڪراچي: عورت کي بليڪ ميل ڪري پيسا وٺندڙ ”صحافڻ“ سميت 3 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عورت کي بليڪ ميل ڪري ڀتو وٺندڙ جعلي صحافڻ سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي سينٽرل موجب گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ ملڪ سجاد پٽ ملڪ ممتاز، دانيال احمد پٽ محمد سليم ۽ سونيا زال اياز شامل آهن.

ايس ايس پي فيصل عبدالله چاچڙ موجب جاوبدار پاڻ کي صحافي سڏائي عورت زرينا کي بليڪ ميل ڪري 49 هزار رپين جو ڀتو اوڳاڙيو.

گرفتار جوابدارن عورت زرينا کان وڌيڪ ڀتو گهريو ۽ کيس بليڪ ميل ڪري رهيا هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جعلي صحافين جو 8 رڪني گروهه آهي جيڪي شهر جي مختلف ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ڀتو وٺندا آهن.

گرفتار جوابدارن ۽ سندن ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.