انڊر 19 ايشيا ڪپ: پاڪستان جي ڊگهي فاسٽ بالر تباهي آڻي ڇڏي، نيپال کي شڪست

اي سي سي انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان 6 فوٽ 8 انچ ڊگهي فاسٽ بالر محمد ذيشان جي بهترين ڪارڪردگي عيوض نيپال کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي جي آءِ سي سي اڪيڊمي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ انڊر 19 ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي نيپال جي سڄي ٽيم 47.2 اوورن ۾ 152 رنسن جي ڍير ٿي وئي.
پاڪستاني فاسٽ بالر محمد ذيشان 19 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان ٽيم گهربل هدف 26.2 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ڪپتان سعد بيگ 50 رنسن جي اننگز کيڏي.
پاڪستان ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ايندڙ ميچ آچر تي ڀارت خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.