پاڪستان وومينز ٽيم جي انرجي ڏسي مزو اچي ويو: اڳوڻي ڪيوي ڪرڪيٽر

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ وومينز ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ڪيٽي مارٽن به پاڪستان وومين ٽيم جي تعريف بنا نه رهي سگهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي ڪيوي ڪرڪيٽر ڪيٽي مارٽن چيو ته نيوزيلينڊ کي هوم ڪنڊيشن ۾ هارائڻ آسان ناهي ۽ ننڍيون ٽيمون ائين ناهي ڪري سگهنديون، جيئن پاڪستاني رانديگرياڻيون کيڏيون ۽ انرجي ڏيکاري مزو اچي ويو.
پي سي بي ڊجيٽل سان گفتگو ۾ ڪيٽي چيو ته نيوزيلينڊ ۾ فتح پاڪستان وومينز ٽيم لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿي.
هن چيو ته ندا ڊار سٺي ڪپتان آهي، هن هيمسٽرنگ باوجود بهادري سان ڪپتاني ڪئي، پي ايس ايل دوران نمائشي ميچن سان رانديگرياڻين جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته پاڪستان ٽيم ڪيترائي ڀيرا نيوزيلينڊ اچي چڪي آهي پر هن ڀيري هنن شاندار پرفارمنس ڏيکاري.
واضح رهي ته پاڪستان وومينز ٽيم نيوزيلينڊ کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پهريون ڀيرو شڪست ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.