”اسان جو به حق آ ته مولانا فضل الرحمان صدر بڻجي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سيڪريٽري جنرل عبدالغفوري حيدري چيو آهي ته اسان ڪنهن کي وزيراعظم ۽ ڪنهن کي صدر بڻايو ته اسان جو حق آ مولانا فضل الرحمان صدر بڻجي.
نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عبدالغفور حيدري دعويٰ ڪئي ته 2018 جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي کٽرائڻ لاءِ قمر جاويد باجوا وڏو زور لڳايو، جڏهن ڏٺائين عمران خان کان حڪومت نٿي هلي ته هٿ ڪڍي ڇڏيائين، ان جو مطلب هو ته جيڪڏهن اپوزيشن ڪجهه ڪري سگهي ٿي ته ڪري، اسان جي تحريڪ مجبور ڪيو ته هٿ ڪڍو.
18هين ترميم بابت سوال تي هن چيو ته اها سٺي هئي، ان سان هٿ چراند جي خلاف آهيون، 18هين ترميم سان ڪو هٿ چراند ڪندو ته ان جو ساٿ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو استحڪام پارٽي ۽ پرويز خٽڪ کي ٺاهيو ويو آهي ته سيٽون به ملنديون ۽ پي ٽي آءِ کي سڄي ملڪ تي مڙهيو ويو ته انهن کي به سيٽون ملڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.