نئين ڪنوار مڇي جي حملي ۾ فوت

نئين ڪنوار طرفان شادي جي ٻئي ڏينهن ٻيٽ تي گهمڻ جو فيصلو موتمار ثابت ٿي ويو.
آمريڪي ميڊيا موجب بوسٽن سان واسطو رکندڙ 44 ورهين جي نئين ڪنوار تي بهاماس ٻيٽ ۾ شارڪ حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ فوت ٿي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عورت آچر ڏينهن شادي ڪئي ۽ سومر تي پنهنجي مڙس سان گڏ سمنڊ گهمڻ وئي هئي، جتي شارڪ مٿس حملو ڪيو.
رپورٽ موجب عورت جو مڙس محفوظ رهيو، ٻئي سمنڊ جي تقريبن 3 کان 4 ميل اندر هئا ته شارڪ حملو ڪيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سمنڊ ڪناري موجود هڪ لائف گارڊ وقت سر ڪارروائي ڪندي هڪ ٻيڙي ذريعي ٻنهي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عورت سخت زخمي ٿي پئي هئي ۽ هوءَ ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.