فاسٽ بالر نسيم شاهه جي صحت بابت اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪلهي جي تڪليف مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کانپوءِ ننڍي رن اپ سان بالنگ شروع ڪري ڇڏي.
نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي (اين سي اي) لاهور ۾ نسيم شاهه ري هيبليٽيشن جي آخري مرحلي جي شروعات ڪري ڇڏي، فاسٽ بالر ڊاڪٽر اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ ۽ فزيو ٿراپسٽ جي نگراني ۾ ٽريننگ ڪري رهيو آهي.
نسيم شاهه في الحال هلڪي ورزش ۽ جزوي بالنگ پريڪٽس ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سڀاڻي کان باقاعدي طور بيٽنگ به شروع ڪندو.
واضح رهي ته نسيم شاهه ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ دوران ڪلهي جي انجري جو شڪار ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.