سنڌ جي سينيئير سياستدان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر سياستدان لياقت جتوئي به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هو 9 ڊسمبر تي جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري سگهي ٿو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ لياقت جتوئي به پ پ کي الوداع چوڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب لياقت جتوئي پنهنجي خاندان ۽ دوستن جو مشاورتي اجلاس طلب ڪيو آهي، جيڪو سندس اباڻي ڳوٺ ٻيٽي جتوئي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ لياقت جتوئي ۽ سندس خاندان جا فرد پي ٽي آءِ کي الوداع چوندا.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته لياقت جتوئي 9 ڊسمبر تي دادو ۾ شيڊيول جي ڊي اي جي جلسي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.