نادرا جي وڏي سهولت، زال هاڻ مڙس جي ٻي شاديءَ جو پتو پاڻ لڳائي سگهندي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا پاڪستاني عوام جي سهولت لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، هاڻ توهان ڪا به ڄاڻ گهر ويٺي ايس ايم ايس ذريعي حاصل ڪري سگهو ٿا.
توهان جيڪو ڪجهه به ڄاڻڻ چاهيو ٿا، لاڳاپيل نمبر تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ پنهنجي موبائل فون تان ايس ايم ايس ذريعي موڪليو ۽ ڄاڻيو سيڪنڊن ۾ پنهنجي باري ۾ اها سموري معلومات، جيڪا توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا.
ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته جتي نادرا مختلف سهولتون فراهم ڪيون آهن، اتي ئي ڪا عورت پنهنجي مڙس جي ٻي شادي بابت به ڄاڻي سگهي ٿي.
جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي ٻي شادي بابت ڄاڻڻ چاهي ٿي ته مڙس جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 8009 تي موڪلي، کيس سڄي نسل ۽ مڙس جي گهروارين جي انگ بابت خبر پئجي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.