عوامي آواز پاران ڪراچي پريس ڪلب تي ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي عظيم ۽ قديم ثقافت سان محبت جو اظهار ۽ ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر سال جيان هن سال به سڄي دنيا جي سنڌين پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائي پنهنجي خوبصورت ثقافت تي ناز ڪيو ويو.

عوامي آواز پاران ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي واري نعري کي به ڀرپور موٽ ڏني وئي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ان نعري هيٺ تقريبون ڪوٺائي ميرٽ جي بحالي تي زور ڏنو ويو.

تقريبن ۾ سنڌي لباس، اجرڪ ۽ ٽوپيون پهريل وڏن توڻي ننڍن قومي ڪاڄ کي عيد جيان ملهايو ۽ گيتن تي رقص ڪري جشن ڪيو.

ان دوران سنڌ ۾ موجود ثقافتي هنرن کي پڻ اجاڳر ڪيو ويو.

ڪراچيءَ ۾ عوامي آواز پاران هيڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي حسن ناصر خٽڪ ڪئي ۽ عوامي آواز سٿ جا ساٿي پڻ شريڪ ٿيا.

ڪراچي پريس ڪلب وٽ عوامي آواز جي اسٽيج تي پڻ ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي واري موضوع تي ڳالهايو ويو جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ گيتن تي رقص ڪري سنڌ جي عظيم ثقافت تي فخر جو اظهار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.