انقلابي اڳڀرائي، سائنسداندانن انساني سيلز مان ننڍو روبوٽ تيار ڪري ورتو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن ڊگهي تحقيق ۽ محنت بعد انسان جي ساهه جي نالين مان حاصل ڪيل سيلز مان انتهائي ننڍو جيئرو روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي جيڪو ٻن مهينن تائين به جيئرو رهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

آمريڪي خابرو اداري سي اين اين موجب آمريڪي ماهرن جي ٽيم انسان جي ساهه جي نالين مان اسٽيم سيلز يعنيٰ سيلز حاصل ڪيا جن کي ليبارٽري ۾ هڪ ٻئي جي سيلز سان ڳنڍيو ويو.

رپورٽ موجب ماهرن سيلز کي ليبارٽري ۾ ملائڻ بعد سندن مانيٽرنگ ڪئي ۽ ستن ڏينهن کان اڳ اسٽيم سيلز مان پاڻمرادو ننڍڙو جيئرو روبوٽ تيار ٿي ويو.

ماهرن ننڍڙن روبوٽن کي اينٿروبوٽ جو نالو ڏنو آهي جيڪي ننڍن ننڍن جيتن جيان نظر اچن ٿا.

ماهرن جي دعويٰ آهي ته هي روبوٽ ليبارٽريز، کاڌن سميت ٻين جاين تي 60 ڏينهن تائين رهڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته مستقبل ۾ تيار ڪيل روبوٽڪس کي طبي تحقيق ۽ علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ فوري طور تي اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته انهن کي ڪيئن طبي ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.