استحڪام پاڪستان پارٽي به ”نئون پاڪستان“ ٺاهڻ جو واعدو ڪري ڇڏيو

ڪامونڪي (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين به نئين پاڪستان جو نعرو هڻندي چيو آهي ته جيڪو ٿي ويو سو ٿي ويو، هاڻ اڳتي وڌڻ جو وقت آهي.
ڪامونڪي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي جهانگير ترين چيو ته مان نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ هڪ سياستدان جو ساٿ ڏنو، منهنجو واسطو سياسي خاندان سان ناهي، سياست ۾ اچڻ جو قدم سوچي سمجهي کنيو.
هن چيو ته اسان ملڪ کي ٺيڪ ڪنداسين ۽ عوام جي تڪليف ختم ڪنداسين، هر گهر ۾ معياري تعليم هجڻ گهرجي، انشاءَ الله نئون پاڪستان ٺاهينداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان محنت ۽ ايمانداري سان هتي پهتا آهيون، پنهنجو منشور تيار ڪري ورتو آهي، عوام جي اميدن تي پورا لهنداسين، عوام جي زندگي تبديل ڪئي سين ته سڄو ملڪ تبديل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.