گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) هڪ هفتو اڳ شادي ڪندڙ عورت کي سندس مڙس مبينا تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.
اطلاع بعد پوليس ڳوٺ مستڻ ملڪ پهچي عورت رابيلي جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
عورت جي پيءُ سهڻو شيخ جو چوڻ آهي ته جوابدار شعيب شيخ رابيلي کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.