ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ايل پي جي ڪارگو جهاز ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ايل پي جي ڪارگو جهاز ڪراچي پهچي ويو، ڪارگو عراق جي شهر بصره کان 11 هزار ميٽرڪ ٽن ايل پي جي کڻي آيو آهي.
پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ايل پي جي ڪارگو ڪراچي پورٽ قاسم ٽرمينل پهچي ويو، پهريون ڀيرو ايل پي جي ڪارگو جهاز 11 هزار ميٽرڪ ٽن ايل پي جي کڻي آيو آهي.
ڪارگو جهاز ذريعي عراق جي شهر بصره کان 11 هزار ميٽرڪ ٽن ايل پي جي آندي وئي آهي، جنهن مان 5 هزار ٽن ايل پي جي نجي امپورٽرز ۽ 6 هزار ميٽرڪ ٽن ٽرمينل کي ڏني ويندي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ايل سيز جا مسئلا حل ٿيندي ئي وڌيڪ 8 کان 10 ڪارگو جهاز گهرايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.