ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس آپريشن ڪوئيٽا محمد جواد طارق افغان پناهگيرن جي نيڪالي تي تنقيد ۽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پوليس ڪانسٽيبل کي ڊسمس ڪري ڇڏيو.
پوليس اهلڪار کي نوڪري تان فارغ ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيڊ ڪانسٽيبل دائود ڪاسي پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر آهي، جنهن پوليس جي وردي ۾ هڪ وڊيو شيئر ڪئي، وڊيو ۾ هن پوليس بابت نازيبا لفظ ڳالهايا ۽ گارگند ڪئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
نوٽيفڪيشن موجب ان فعل سان کاتي جي سخت بدنامي ٿي، هو جواب ۾ مطمئن به نه ڪري سگهيو، هن پرڏيهين جي واپسي جي مهم تي مداخلت ڪئي، پوليس کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ لساني بنيادن تي ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
Prev Post
You might also like