خبردار: هيءَ ايپ عورتن جون تصويرون ۽ وڊيوز ليڪ ڪري ٿي!

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس لون ايپليڪيشن جي آڙ ۾ عورتن جون نازيبا تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس پي آرگنائزڊ ڪرائم فرقان بلال موجب گرفتار جوابدار انٽرنيٽ تي لون ايپ ذريعي شهرين کي بليڪ ميل ڪري پئسا وٺندا هئا.

هن ٻڌايو ته جوابدار قرض وٺندڙ فيمليز کي وڊيو ڪال ڪري اسڪرين شاٽ وٺندا هئا ۽ عورتن جون تصويرون ايڊٽ ڪري بليڪ ميل ڪندا هئا، جوابدار بليڪ ميل ڪري وڏي رقم وصول ڪندا هئا.

سندس چوڻ هو ته جوابدارن وٽان 6 ليپ ٽاپ، ايڊٽ ڪرڻ واري ڊوائس ۽ لکين رپيا روڪ رقم برآمد ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.