سنڌ ۾ عورتن کي بنا وياج جي قرض ملڻ شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت عورتن کي ذاتي ڪاروبار لاءِ بنا وياج قرضن جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊپٽي مئنيجر قرت العين بلال چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ عورتن کي ذاتي ڪاروبار لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪري رهي آهي.

عورتن لاءِ سهولت جاري ڪئي وئي آهي، هاڻي عورتون گهر ويٺي آن لائن درخواست جمع ڪرائيندي 5 لک رپين تائين جو قرض آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهن ٿيون.

تقريب کي خطاب ڪندي قرت العين بلال چيو ته ملڪ ۾ عورتن جو تناسب 48 سيڪڙو آهي پر ٿوري انگ ۾ عورتون پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿيون. ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته عورتون ٻين تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي ڪاروبار کي ترجيح ڏين.

شين ۽ گهريلو زراعت جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن. جنهن کي اختيار ڪرڻ سان عورتون پنهنجي خاندان ۾ روزگار جو هڪ بهتر سلسلو شروع ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن جو ڪاروبار ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار پڻ فراهم ڪري ٿو.

قرة العين بلال چيو ته عورتن کي بئنڪ ۾ ذاتي اڪائونٽ کولڻ گهرجن ته جيئن ٿوري بچت به سندن مستقبل ۾ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.