ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳجهي ڳٺ جوڙ هئي.
نيو ڪراچي سيڪٽر اي فائيو ۾ اليڪشن آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي ڳجهي ڳٺ جوڙه ئي، هڪ ڏينهن به پي ٽي آ3 جو وزيراعظم ڪراچي ۾ نه رڪيو. مضبوط ضلعي حڪومتون، مضبوط بلدياتي ادارا، مضبوط ڪراچي، مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهن. ڪراچي کي واڌ ويجه ڪرڻ ڏني ويندي ته پاڪستان بچندو.
هن چيو ته آئيني سڌارن جي پيڪيج تي ڳالهائڻو آهي. پ پ 15 سالن ۾ نه اضافي پاڻي مليو نه ئي ڪو ڪم ٿيو. ڪراچي کي پاڻ سان گڏ رکندئو ته معيشت ۽ جمهوريت مستحڪم رهندي. ڪراچي پاڻ سان گڏ نه رکندئو ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھجي. مقامي خود مختياري ذريعي شهر جا مسئلا حل ٿيندا. اڄ مقامي خود مختياري ڏئي ڇڏيو نه ته سڀاڻي اهي حالتون هونديون جو توهان پاڻ صوبي ڪٽوري ۾ آڻي ڏيندئو.
Prev Post
You might also like