ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي گم ٿيلن جي گمشدگي جو ڪيس پاڻمرادو داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورت ۾ گم ٿيلن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ۾ سچل مان گم ٿيل شهري بابت سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته هدايت جي باوجود گم ٿيلن جا گھرڀاتي ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيا جيڪي نمبر ڏنا ويا انهن تي به رابطو ڪيو ويو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيلن جا گھرڀاتي ٿاڻي تي نٿا اچن ته نه اچن پوليس جي ذميواري آهي ته ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري.
عدالت سچ مان گم ٿيل شهري راشد ۽ نسيم جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 4 هفتن ۾ پوليس ۽ ٻين ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت جي آءِ ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس طلب ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
Next Post
You might also like