ڪابل پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کي تسليم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪو شخص بنا ويزا جي افغانستان وڃي ڏيکاري، افغان شهري هتي ڪاروبار ڪرڻ چاهين ته ويزا وٺي اچن سگهن ٿا.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان جا افغان حڪومتن سان لاڳاپا سٺا ناهن رهيا، ڪابل پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کي تسليم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي.
هن چيو ته افغانستان کان اڳ پاڪستان خلاف پراڪسي وڙهي وئي، پاڙيسري ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ناهي، اتان پرڏيهي وڃي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته حڪومت انهن پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، جن وٽ دستاويز ناهن، اها ڪارروائي رڳو افغانين خلاف نه پر سڀني غير قانونين خلاف ڪئي پئي وڃي.
سرفراز بگٽي چيو ته افغان شهرين سان اسان جو ڀائيچارو آهي، جيڪو قيامت تائين جاري رهندو، افغان شهرين جي بري ورتاءَ تي ٻن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري چڪا آهيون، اسان غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ هر سطح تي ڪميٽي ٺاهي آهي.
نگران گهرو وزير چيو ته ماضي ۾ افغانستان مان پاڪستان خلاف دهشتگردي جا واقعا ٿيا، اسان کي ماضي ياد رکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.