ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم جي مقامي ڪمپني جي ڏهرڪي ۾ قائم کوهه ”غازيج ٽو“ مان به گئس دريافت ٿي وئي، گذريل مهيني عازيج ون کوهه مان گئس دريافت ٿي هئي.
تيل ۽ گئس جي شعبي لاءِ سٺي خبر سامهون آئي آهي، سنڌ صوبي ۾ هڪ ٻئي کوهه مان گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
ماڙي پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي جاري هڪ بيان ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ جي علائقي ڏهرڪي ۾ گئس جي پيداوار لاءِ ايڪسٽينڊڊ ويل ٽيسٽنگ جي شروعات ڪئي آهي.
ماڙي پيٽروليم جي غازيج ٽو کوهه مان گئس جي پيداوار شروع ٿي وئي، غازيج ٽو مان سوئي ناردرن کي روز 8 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي.
اختيارين موجب نئين گئس جي فراهمي سان توانائي جي طلب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، نئين گئس شامل ٿيڻ سان سياري جي مند ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جو فرق گهٽ ٿيندو.
Prev Post
You might also like