اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ انتهائي ناياب بيماري سان هڪ شخص فوت ٿي ويو.
نوجوان مريض کي اسلام آباد جي پمز اسپتال پهچايو ويو، جتي ليپٽو سپائروسس نالي بيماري جي سڃاڻپ ٿي.
انفيڪشن جا ٻه ڄڻا متاثر ٿيا هئا، جن مان هڪ لاڏاڻو ڪري ويو.
ٻڌايو ويو آهي ته ليپٽو سپائروسس جانورن مان انسان ۾ لڳندڙ بيماري آهي، ان جي سڃاڻپ واري ٽيسٽ پمز ۽ صحت جي قومي اداري اسلام آباد ۾ به دستياب ناهي.
ڊاڪٽرن موجب ليپٽو سپائروسس اينٽي باڊي ٽيسٽ آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف پيٿالاجي مان ڪرائي وئي.
Prev Post
You might also like