پاڪ – نيوزيلينڊ ميچ کان اڳ موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

بينگلور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 35هين ميچ ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ميچ پاڪستاني وقت موجب صبح 10 وڳي شروع ٿيندي پر موسميات کاتي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان گذريل ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏني هئي، قومي ٽيم هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي 6 پوائنٽن سان ڇهين نمبر تي موجود آهي.
نيوزيلينڊ گذريل ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا هٿان شڪست کاڌي ۽ اها پوائنٽس ٽيبل تي 8 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي موجود آهي.
پاڪستان کي سيمي فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل رهڻ لاءِ ڪيويز خلاف لازمي طور وڏي مارجن تان ڪاميابي ماڻڻي پوندي يا وري نيوزيلينڊ جي سريلنڪا هٿان شڪست جو انتظار ڪرڻو پوندو.
پر پاڪ – نيوزيلينڊ ميچ برسات سان متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي ڏينهن جو 68 سيڪڙو برسات جو امڪان آهي، شام جي وقت 25 سيڪڙو تائين برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب شام جو گرمي پد گهٽ کان گهٽ 20 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ کان وڌ 29 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.