لياري مان ڀتي وصولي نيٽ ورڪ جي پهرين عورت ڪمانڊر پڪڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي ڀتي وصول نيٽ ورڪ جي پهرين عورت ڪمانڊر کي گرفتار ڪري ورتو.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڇاپي ۾ ميران ناڪه مان ايران ۾ روپوش گينگ وار ڪردار کي فنڊنگ ۾ ملوث عورت صائمه موتن پڪڙي وئي.
جاچ ادارن موجب صائمه موتن بدنام بڪي عرفان موتن جي گهرواري آهي، عرفان موتن ماضي ۾ ڪراچي جي بدنام بڪين ۾ شامل هو، ايران روپوشي کانپوءِ وصي گينگ ۾ شموليت اختيار ڪري چڪو آهي.


جاچ ادارن ٻڌايو ته صائمه موتن وصي ليکو گينگ جي فنڊنگ ۾ ملوث آهي، ڀتي وصولي لاءِ نيٽ ورڪ ايران مان آپريٽ ٿي رهيو هو، عرفان موتن ۽ وصي لاکو واپارين کي ڌمڪائڻ ۾ ملوث آهن.
جاچ ادارن موجب ميچ تي آن لائن فنڊنگ ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن کان به ڀتو وصول ڪيو ويو، صائمه خلاف چاڪيواڙا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندس قبضي مان منشيات، ٻه ٽيبليٽ ۽ موبائل فون برآمد ڪئي وئي.
جاچ ادارن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڀتي وصولي لاءِ عرفان جي گهرواري صائمه متحرڪ هئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وصي لاکو نيٽ ورڪ جو گهيرو تنگ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.